بمبئي بيڪري حيدرآباد

بمبئي بيڪري حيدرآباد: هيءَ مشھور بيڪري پهلاج راءِ گنگارام ٿڌاڻي 1911ع ڌاري، حيدرآباد سنڌ جي صدر واري علائقي ۾ قائم ڪئي. اها سندس ئي مسلسل ۽ اڻٿڪ جستجو هئي جو ڪينٽونمينٽ اٿارٽي حيدرآباد سنڌ کيس موجوده هنڌ تي بيڪري تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني. موجوده بيڪري واري اِها عمارت 1924ع تائين ٺھي راس ٿي. پھلاج راءِ، پنھنجن ٽن پٽن: شيام داس، ڪشنچند ۽ گوپيچند جي گهراڻن سميت ان ۾ شموليت ڪئي. بمبئي بيڪري اصل ۾ چاڪليٽ مليل مٺين شين جھڙوڪ: بريڊ، بسڪيٽ ۽ ڪيڪ جي پيداواري فراهمي لاءِ قائم ٿي. پھلاج راءِ سندس پٽن ۽ قابل اعتماد ملازمن جي مدد سان پنھنجي ٺاهيل اسمن ۾ نج ۽ مستند مرڪبات جي استعمال سان بيڪري جي ساک ۾ اضافو آندو. پهلاج راءِ 1948ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ ڪشنچند ٿڌاڻي پنھنجي تخليقي ۽ ايجادي دسترس ذريعي ڪيڪن ۽ بسڪيٽن جي اعلي قسمن لاءِ لذيذ نسخن ۾ واڌ آندي. 1960ع ۾ ڪشنچند جي وفات کانپوءِ گوپيچند ۽ ڪشنچند جي پٽ ڪمار ٿڌاڻي بيڪري جي سارسنڀال ڪئي. ڪمار ٿڌاڻي اهي سڀ اعليٰ معيار برقرار رکيا جن جا بنياد سندس وڏڙن وڌا. هن جي زير نگراني بيڪريءَ جي ڪاروبار ۾ تمام گهڻو واڌرو آيو. سيٺ ڪمار ٿڌاڻي 11 جون 2010ع تي وفات ڪئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ هن وقت بمبئي بيڪري سندس پٽ سونو هلائي رهيو آھي. 11 نومبر 2011 تي، سؤ سال مڪمل ٿيڻ تي، بمبئي بيڪري جي پلاٽينيم جوبلي ملهائي وئي. ان حساب سان سنڌ جي هن مشھور نجي اداري جي ڄمار 2022ع تائين 111 سال ٿي آهي. هن ڪاروباري اداري کي خاندان جي چوٿين پيڙھي هلائي رهي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو